جهرڻا (ڪتاب)

جهرڻا (ڪتاب)

جهرڻا (ڪتاب)

جهرڻا (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامور ليکڪا نذير ناز جي ڪالمن جو مجموعو آهي. هن ڪالمن ۾ معاشرتي رخن کي چڱيءَ ريت اجاگر ڪيو آهي. ڪتاب ۾ 23 ڪالم آهن، جيڪي سادي ۽ عام فهم ٻوليءَ ۾ تحرير ٿيل آهن. ڪتاب ۾ نامياري ليکڪا خيرالنساءِ جعفريءَ جو ”جيوت هئي جنجال جهرڻا جهرڻا“ جي عنوان سان نوٽ ۽ حميد سنڌيءَ جو ”قلم ۾ ڪڙاڻ“ عنوان سان تبصرو به ڏنو ويو آهي. ڪرائون سائيز جو 128 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب ناري پبليڪيشن، حيدرآباد 1986ع ۾ شايع ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 15 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو